بِسۡمِ اللهِ الرَّحۡمٰنِ الرَّحِيۡم
السلام عليڪم!
سنڌي ڪمپيوٽنگ هڪ اڻ اعلانيل آرگنائيزيشن (تنظيم) طور، سنڌي ٻوليءَ لاءِ لاڳيتو محترم جناب عبدالماجد ڀرڳڙي صاحب جن جي سربراهيءَ ۾ ڪم ڪري رهي آهي. هونءَ ته ڪمپيوٽر ۾ سنڌي ٻوليءَ جي ترويج لاءِ گهڻن ئي ماڻهن ڪوششون ڪيون، جيڪي ڪنهن حد تائين ڪامياب پڻ ٿيون، پر تنهن هوندي به اهي سموريون ڪوششون ڪن خاص مقصدن جي حاصلات واسطي ئي هيون ۽ بهرحال انهن سڀني ڪوششن جو بنياد ۽ آڌار عبدالماجد ڀرڳڙي جي 1987-88 ۾ ڪيل pioneering ڪم هو جنهن وسيلي سنڌي ڪمپيوٽنگ جو بنياد پيو ۽ جنهن کان پوءِ سنڌي جو ڪمپيوٽر تي استعمال ممڪن ٿيو. ان جي ابتڙ سنڌي ڪمپيوٽنگ جي باني محترم عبدالماجد ڀرڳڙي صاحب پنهنجي بي لوث ۽ اڻٿڪ لاڳيتي محنت کانپوءِ، ايم بي سنڌي نالي، يونيڪوڊ جي بين الاقوامي معيار جي آڌار تي نه صرف مڪمل ڪيبورڊ لي آئوٽ ۽ خوبصورت فونٽ جوڙي تيار ڪيو پر ان لاءِ دنيا ۾ پرسنل ڪمپيوٽنگ لاءِ وڌ ۾ وڌ استعمال ٿيندڙ ونڊوز آپريٽنگ سسٽم جي ڪمپني مائڪروسافٽ سان لهه وچڙ ۾ اچي، پاڻ پتوڙي، کانئن سندن آپريٽنگ سسٽم ۾ سنڌي ٽيڪسٽ پروسيسنگ لاءِ به سپورٽ حاصل ڪرايائين. اينئن سن 2000 ۾ پهريون دفعو اسٽينڊرڊ سنڌي ڪمپيوٽنگ جو بنياد پيو ۽ پهريون ڀيرو سنڌي جو انٽرنيٽ ۽ ورلڊ وائيڊ ويب تي استعمال ممڪن ٿيو ۽ يونيڪوڊ جي بين الاقوامي معيار تي آڻڻ جي ڪري، سنڌي ٻولي ڪمپيوٽر جي دنيا ۾ سنڌين جي باهمي رابطي لاءِ استعمال ٿيڻ لڳي. ان کان اڳ، سنڌي لاءِ مختلف غير مروج ۽ اڻ معياري طريقا استعمال ٿيندا هئا، جنهن جي ڪري ان جو انٽرنيٽ تي ۽ باهمي رابطي لاءِ استعمال ممڪن ئي ڪونه هو. اهو ڪرشمو ڀرڳڙي صاحب جي مسلسل ڪوششن سان ٿيو، جنهن جي نتيجي ۾ سنڌي ڪمپيوٽر ۽ انٽرنيٽ جي دنيا ۾ بين الاقوامي معيار جي زبان ٿي اڀري. اڳتي هلي نه رڳو ”ونڊوز آپريٽنگ سسٽم “ پر ٻين آپريٽنگ سسٽمز تي به سنڌي جو استعمال ممڪن ٿيو جنهن لاءِ پڻ ڀرڳڙي صاحب رسورسز ڊيويلپ ڪيا. سندن ڪوششن جو ئي ثمر آهي جو اڄ اسان سنڌي سموري دنيا ۾ ڪمپيوٽر ۽ انٽرنيٽ تي سنڌي جو استعمال ڪري سگھون ٿا.
عبدالماجد ڀرڳڙي صاحب جن تقريبا23 سالن کان وٺي سنڌي ٻوليءَ (سنڌي ڪمپيوٽنگ) تي ڪم ڪري رهيا آهن. سندن ئي ڪم جي بدولت سنڌي اخبارن، رسالن، ڪتابن، ويب سائيٽن، ٽي وي چئنلز مطلب ته پرنٽ ۽ ملٽي ميڊيا جي ڪمن لاءِ پهريون ڀيرو سنڌي ٻولي ڪمپيوٽر تي آسانيءَ سان ميسر ٿي، نه صرف اهو پر سنڌي ٻوليءَ جي لکت ۾ وڌيڪ سونهن ۽ من پسند خوبصورتي آڻڻ لاءِ سائين عبدالماجد ڀرڳڙي سميت ڪيترن ئي ٻين دوستن جيئن ثناءَ الله منڱڻيجو صارِم، عبدالستارسمون، شبير ڪنڀار، عزيز منڱريو، آغا صابر جديد لکت جا نمونا (فونٽسFonts ) پڻ جھجھي مقدار ۾ ميسر ڪيا آهن.
ان کان سواءِ محترم ڪرشن ڪمار لوهاڻي پنهنجي پياري ٻوليءَ سان چاهت جي اظهار طور هڪ سنڌي ٽو انگلش ۽ انگلش ٽو سنڌي ڊڪشنري بڻائي سنڌي ڪمپيوٽنگ ۾ واڌارو آندو.
سنڌي ڪمپيوٽنگ ۾ سنڌي سافٽويئر، انسٽالر ۽ فونٽس کان هٽي سنڌي ادب جي ترويج واسطي گھڻي انداز ۾ سنڌي ڪتاب پي ڊي ايف فارميٽ ۾ پڻ انٽرنيٽ تي آندا ويا آهن، جن ۾ قرآن شريف سنڌي ترجمي سان، شاه جو رسالو، سچل سائينءَ جو ڪلام ۽ تقريبا هر صنف ۾ ڇپيل سنڌي ڪتابن مان ڪافي ڪتاب انٽرنيٽ تي موجو د آهن. ههڙي املھ ڪم ۾ سائين شاهنواز سومرو، احمد چنڊ، محمد حبيب سنائي، عبدالرحيم نظاماڻي، فقير اسلح علي قلباڻي، عاشق حسين نظاماڻي، رشيد ٻرڙو، آفتاب ٽالپر، حبيب ساجد ۽ علي حسن ملاح وغيره جون ڪوششون شامل آهن.
سنڌي ڪمپيوٽنگ خاص طور تي سنڌي ٻوليءَ جي ترقي، جنهن ۾ عام سنڌي جي ڪمپيوٽر تائين آسان رسائي ۽ ٻوليءَ جي بقا اهم مقصد آهي؛ لاءِ پاڻ پتوڙيندڙ يا ڪنهن نه ڪنهن طريقي سان ڪجھ نه ڪجھ ارپيندڙ دوست، ڪنهن به قسم جي لوڀ لالچ کانسواءِ پنهنجي ٻوليءَ سان اَٿاھ عشق جي اظهار طور۽ سماجي فرض سمجھندي پنهنجي سَتَ (طاقت) آهر ۽ سمجھه سارو بغير ڪنهن سرڪاري يا غير سرڪاري سهائتا جي، هڪ ٻئي سان جڙيل رهيا آهن ۽ پنهنجي ٻولي کي ڪمپيوٽر تي معيار ڏيڻ لاءِ جاکوڙي رهيا آهن.
هينئر هڪ قدم اڳتي وڌائيندي دوستن جي صلاح سان هن خادم تسبيح جي داڻن جھڙن سنڌي ڪمپيوٽنگ جي انهن سڀني دوستن کي هڪ ڌاڳي ۾ پُوئي هڪ آرگنائزيشن ”سنڌي ڪمپيوتنگ آرگنائيزيشن“ جو بنياد رکيو آهي. هن تنظيم جي ڀلائي ۽ بهتري لاءِ اوهان جي نيڪ صلاحن مشورن جو انتظار رهندو.ان مقصد لاءِ هڪ مرڪز طور www.sindhicomputing.org ويب سائيٽ پڻ جوڙي ويئي آهي،
، جنهن جو مقصد سنڌي ڪمپيوٽنگ جي دوستن کي، دنيا جي ڪنڊ ڪڙڇ مان هڪ هنڌ گڏ ڪري کين اهڙو پليٽ فارم مهيا ڪرڻ آهي، جتي هو لاگن ٿي، ٻوليءَ لاءِ ڪيل پنهنجا ڪم، متعارف ڪرائي سگھن، هڪ ٻئي سان رابطي ۾ رهن، ڪن نون پروجيڪٽس تي گڏجي ڪم ڪن توڙي ڪنهن مونجھاري جو شڪار نون دوستن کي مدد فراهم ڪري سگھن. ان کان سواءِ سنڌي ڪمپيوٽنگ جي دنيا ۾ ٿيندڙ ايجادن، تبديلين ۽ ڪارنامن مان باخبر رهي، ٻوليءَ لاءِ پنهنجو ڪردار ادا ڪري سگھن.
آرگنائيزيشن جو نالو سِڪ آ (س= سنڌي + ڪ= ڪمپيوٽنگ + آ= آرگنائزيشن = سنڌي ڪمپيوٽنگ آرگنائزيشن) رکيو ويو آهي.
سنڌي هئڻ جي ناتي اوهين هن آرگنائزيشن ۾ ميمبر ٿيڻ ۽ ڪم ڪرڻ جو حق رکو ٿا، اوهانجي صلاحن ۽ مشورن تي پڻ سنجدگيءَ سان غور ڪري عمل ڪرڻ جي ڪوشش ڪئي ويندي.
سنڌ سلامت ساٿ سلامت
اوهانجو پنهنجو
عبدالعزيز منڱريو








